سيد ضياء حسين ضياء

سيد ضياء حسين ’ضياء‘: سيد ضياء حسين، 12 سيپٽمبر 1911ع ۾ ڄائو. سندس والد مولانا محمد سيد اعتماد حسين ’فاضل‘، جيد عالم ۽ اديب هو، جنهن اسلام ۽ فلسفي تي ڪيترا ڪتاب لکيا هئا. 1947ع ۾ لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو.
سيد ضياء حسين ضياء 1949ع ۾ سنڌي گرامر تي هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو 1951ع ۾ شايع ٿيو. ان کانسواءِ سندس ڪتابن ۾:
(1) ’سرشتي سکيا ۽ علم صحت‘ ۽ (2) ’تاريخ سنڌ‘ اهم آهن. نثر سان گڏ شاعري به ڪيائين. هن، 18 مارچ 1994ع تي وفات ڪئي. سندس ٻه فرزند سيد نعيم حيدر نـقـوي ۽ نسيم حيدر نقوي، علمي ۽ ادبي دنيا سان وابسته آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو